1.پطرس 1:18-24 SCLNT

18 اوھين ڄاڻو ٿا تہ اھا اجائي ھلت چلت جيڪا ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ملي اٿوَ، تنھن کان اوھان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جھڙيون فاني شيون نہ ھيون.

19 پر مسيح جي قيمتي رت سان اوھان کي ڇڏايو ويو، جيڪو بي⁠عيب ۽ بي⁠داغ گھيٽي وانگر قربان ٿيو.

20 دنيا جي بنائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو ھو. پر ھن آخري زماني ۾ اوھان جي خاطر کيس ظاھر ڪيو ويو.

21 اوھان مسيح جي ئي وسيلي خدا تي ايمان آندو آھي. ھن کي خدا مئلن مان جياري اٿاريو ۽ جلال بخشيائينس، انھيءَ لاءِ تہ اوھان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ھجي.

22 ھاڻي جڏھن تہ اوھان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آھي ۽ ڀائرن لاءِ حقيقي محبت پيدا ٿي اٿوَ، تڏھن دل⁠وجان سان پاڻ ۾ گَھري محبت رکو.

23 ڇالاءِ⁠جو اوھان فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج مان نئين سر پيدا ٿيا آھيو، يعني خدا جي انھيءَ ڪلام جي وسيلي جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آھي.

24 جيئن پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ”سڀ انسان گاھہ وانگر آھن،۽ انھن جو سمورو شانگاھہ جي گل وانگر آھي.گاھہ سڪي وڃي ٿو۽ گل ڪري ٿو پوي.