1 تنھنڪري ھر طرح جي بدخواھي، سموري ٺڳي، رياڪاري، حسد ۽ ھر قسم جي گلا غيبت کي پاڻ مان ڪڍي ڇڏيو.
2 جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوھين بہ نج روحاني کير جا طلبگار ٿيو، تہ انھيءَ جي وسيلي وڌي اوھين ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.
3 ڇالاءِجو اوھان خداوند جي مھربان ھئڻ جو سواد چکيو آھي.
4 انھيءَ جيئري پٿر، يعني مسيح وٽ اچو جنھن کي ماڻھن تہ رد ڪري ڇڏيو، پر خدا ان کي قيمتي ڄاڻي چونڊيو.