13 خداوند جي خاطر ھر انساني اختياريءَ جا تابعدار رھو، مثال طور شھنشاھہ جا انھيءَ ڪري جو ھو سڀني کان مٿاھون آھي.
14 اھڙيءَ طرح گورنرن جا انھيءَ ڪري تابعدار رھو جو اھي شھنشاھہ جا موڪليل آھن، انھيءَ لاءِ تہ بدڪارن کي سزا ڏين ۽ نيڪي ڪرڻ وارن جي ساراھہ ڪن.
15 ڇالاءِجو خدا جي مرضي اھا آھي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوھين بيوقوف ماڻھن جي نادانيءَ وارين ڳالھين کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو.
16 آزاد ماڻھن وانگر زندگي گذاريو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بھانو نہ بڻايو، البت پاڻ کي خدا جا ٻانھا سمجھو.
17 سڀني ماڻھن جي عزت ڪريو، پنھنجي ھمايمان برادريءَ سان محبت رکو، خدا کان ڊڄو ۽ بادشاھہ جو احترام ڪريو.
18 اي نوڪرؤ! ڏاڍي ادب سان پنھنجن مالڪن جي تابع رھو، نہ رڳو نيڪن ۽ نرم طبيعت وارن جي، بلڪ سخت طبيعت وارن جي بہ.
19 ڇالاءِجو جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا کي ڄاڻيندي بيانصافيءَ جي ڪري ڏک سھي ۽ تڪليفون برداشت ڪري تہ اھا ڳالھہ تعريف جوڳي آھي.