1.پطرس 2:16-22 SCLNT

16 آزاد ماڻھن وانگر زندگي گذاريو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بھانو نہ بڻايو، البت پاڻ کي خدا جا ٻانھا سمجھو.

17 سڀني ماڻھن جي عزت ڪريو، پنھنجي ھم⁠ايمان برادريءَ سان محبت رکو، خدا کان ڊڄو ۽ بادشاھہ جو احترام ڪريو.

18 اي نوڪرؤ! ڏاڍي ادب سان پنھنجن مالڪن جي تابع رھو، نہ رڳو نيڪن ۽ نرم طبيعت وارن جي، بلڪ سخت طبيعت وارن جي بہ.

19 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا کي ڄاڻيندي بي⁠انصافيءَ جي ڪري ڏک سھي ۽ تڪليفون برداشت ڪري تہ اھا ڳالھہ تعريف جوڳي آھي.

20 ھن ڪري جو جيڪڏھن اوھان گناھہ ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انھيءَ ۾ ڪھڙو فخر آھي؟ پر جيڪڏھن اوھين نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اھا ڳالھہ خدا جي نظر ۾ تعريف جوڳي آھي.

21 انھيءَ ڳالھہ لاءِ ئي اوھين سڏيا ويا آھيو، ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ اوھان جي خاطر ڏک سھي اوھان کي ھڪڙو نمونو ڏيئي ويو آھي، تہ جيئن اوھين سندس نقشِ⁠قدم تي ھلندا رھو.

22 جھڙيءَ طرح لکيل آھي تہ”ھن نڪي ڪو گناھہ ڪيو۽ نہ ئي سندس وات مانڪا ٺڳيءَ جي ڳالھہ نڪتي.“