19 ڇالاءِجو جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا کي ڄاڻيندي بيانصافيءَ جي ڪري ڏک سھي ۽ تڪليفون برداشت ڪري تہ اھا ڳالھہ تعريف جوڳي آھي.
20 ھن ڪري جو جيڪڏھن اوھان گناھہ ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انھيءَ ۾ ڪھڙو فخر آھي؟ پر جيڪڏھن اوھين نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اھا ڳالھہ خدا جي نظر ۾ تعريف جوڳي آھي.
21 انھيءَ ڳالھہ لاءِ ئي اوھين سڏيا ويا آھيو، ڇالاءِجو مسيح بہ اوھان جي خاطر ڏک سھي اوھان کي ھڪڙو نمونو ڏيئي ويو آھي، تہ جيئن اوھين سندس نقشِقدم تي ھلندا رھو.
22 جھڙيءَ طرح لکيل آھي تہ”ھن نڪي ڪو گناھہ ڪيو۽ نہ ئي سندس وات مانڪا ٺڳيءَ جي ڳالھہ نڪتي.“
23 ھو گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنھن کي گار نہ ڏيندو ھو ۽ ڏک سھي بہ ڪنھن کي ڪونہ ڌمڪائيندو ھو، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪندو ھو.
24 ھو پاڻ اسان جا گناھہ پنھنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙھيو، انھيءَ لاءِ تہ اسين گناھن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي خاطر جيئون. ھن جي مار کائي زخمي ٿيڻ جي ڪري اوھين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.
25 ڇالاءِجو اڳي اوھين ڀٽڪيل رڍن وانگر ھئا پر ھاڻي پنھنجن روحن جي ڌنار ۽ نگھبان وٽ موٽي آيا آھيو.