1.پطرس 4:10-16 SCLNT

10 ھر ماڻھوءَ کي جيڪا نعمت ملي آھي سو انھيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو مختيار ٿي ھڪ ٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي.

11 جيڪڏھن ڪو ماڻھو پيغام ڏئي تہ سندس پيغام اھڙو ھجي جھڙو خدا جو ڪلام آھي. جيڪڏھن ڪو خدمت ڪري تہ انھيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. سندس وڏائي ۽ بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.

12 اي پيارا دوستو! مصيبت جي باھہ جيڪا اوھان جي آزمائش لاءِ اوھان تي آئي آھي، تنھن بابت تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا عجيب ڳالھہ اوھان تي اچي پيئي آھي.

13 پر جيئن جيئن اوھين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو تيئن تيئن خوشي ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن سندس جلال ظاھر ٿئي تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ۽ سرھا ھجو.

14 جيڪڏھن مسيح جي نالي جي ڪري اوھان کي بي⁠عزت ڪيو ٿو وڃي تہ اوھين سڀاڳا آھيو، ڇالاءِ⁠جو خداءِ⁠ذوالجلال جي روح جي اوھان تي ڇانوَ آھي.

15 ائين نہ ٿئي جو اوھان مان ڪو خوني، چور، بدڪار يا ٻين جي ڪمن ۾ دست⁠اندازي ڪندڙ ٿي ڏک سھي.

16 پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو مسيحي ھئڻ سببان ڏک سھي تہ شرمندو نہ ٿئي، بلڪ انھيءَ نالي جي ڪري خدا جي واکاڻ ڪندو رھي.