1.پطرس 5:1-7 SCLNT

1 اوھان ۾ جيڪي بزرگ آھن تن کي آءٌ، جيڪو انھن بزرگن مان ھڪڙو مسيح جي ڏکن جو شاھد ۽ سندس جيڪو جلال ظاھر ٿيڻ وارو آھي، تنھن ۾ پڻ شريڪ آھيان ، سو نصيحت ٿو ڪريان تہ

2 خدا جو ڌڻ جيڪو اوھان جي سنڀال ھيٺ آھي، تنھن کي اوھين چاريو ۽ انھيءَ جي نگھباني ڪريو. ھي ڪم جيئن خدا چاھي ٿو، تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب. دل جي شوق سان ڪريو، نڪي پيسي جي لالچ تي.

3 جيڪي ماڻھو اوھان جي حوالي ڪيا ويا آھن تن تي حڪم نہ ھلايو، بلڪ انھيءَ ڌڻ جي لاءِ پاڻ کي نمونو بڻايو.

4 پوءِ جڏھن وڏو ڌنار ظاھر ٿيندو، تڏھن اوھان کي اھڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏھن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.

5 ساڳيءَ طرح اي جوانو! اوھين بزرگن جي تابع رھو. اوھين سڀيئي ھڪ ٻئي اڳيان نماڻائيءَ سان پھريل رھو، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري،پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“

6 تنھنڪري خدا جي قدرت واري ھٿ ھيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ ھو اوھان کي مناسب وقت تي سربلند ڪري.

7 پنھنجي سڄي ڳڻتي انھيءَ تي رکو، ڇالاءِ⁠جو ھن کي اوھان جو فڪر آھي.