1 ھي خط عيسيٰ مسيح جي غلام پولس جي طرفان آھي، جنھن کي خدا رسول ڪري چونڊيو ۽ کيس پنھنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ خاص طور مقرر ڪيو آھي.
2 خدا ھن خوشخبريءَ جو واعدو اڳي ئي پاڪ لکتن ۾ پنھنجن نبين جي معرفت ڪيو ھو.
3 اھا خوشخبري سندس فرزند، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح بابت آھي، جيڪو جسماني لحاظ کان تہ دائود جي نسل مان پيدا ٿيو،
4 پر پاڪيزگيءَ واري روح جي لحاظ کان ھو خدا جي وڏي قدرت وارو فرزند ثابت ٿيو، جڏھن ھو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو.