رومين 1:7-13 SCLNT

7 ھي خط انھن سڀني ڏانھن آھي، جيڪي روم شھر ۾ خدا جا پيارا آھن ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

8 سڀ کان پھريائين آءٌ اوھان سڀني لاءِ عيسيٰ مسيح جي معرفت پنھنجي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي ايمان جون ڳالھيون سڄيءَ دنيا ۾ ٿي رھيون آھن.

9 خدا، جنھن جي فرزند جي خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنھنجي دل⁠وجان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو منھنجو شاھد آھي تہ آءٌ اوھان کي ھردم پنھنجي دعائن ۾ ياد ڪريان ٿو،

10 ۽ ھميشہ اھو عرض ڪندو رھندو آھيان تہ خدا ڪري جو مون کي ڪنھن نہ ڪنھن سبب اوھان وٽ اچڻ جو موقعو ملي.

11 مون کي اوھان سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ آھي، انھيءَ لاءِ تہ اوھان کي ڪا روحاني بخشش پھچايان، جنھن جي وسيلي اوھين پنھنجي ايمان ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو،

12 يعني منھنجو مطلب آھي تہ اسان ٻنھي کي مدد ملندي، اوھان جي ايمان سان مون کي ۽ منھنجي ايمان سان اوھان کي.

13 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوھان ڏانھن اچڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ھيستائين ڪنھن نہ ڪنھن سبب ڪري اچي نہ سگھيس. جيئن منھنجو ڪم غير قوم جي ٻين ماڻھن ۾ ڪامياب ٿيو آھي، تيئن منھنجي مرضي آھي تہ اوھان ۾ بہ ڪامياب ٿئي.