1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي دلي خواھش آھي تہ شل بني اسرائيل کي ڇوٽڪارو ملي ۽ انھيءَ لاءِ آءٌ خدا جي در دعاڳو آھيان.
2 ڇاڪاڻتہ آءٌ ھنن لاءِ اھا شاھدي ٿو ڏيان تہ کين خدا جي لاءِ ڏاڍو جذبو آھي، پر سمجھہ ڪانہ اٿن.
3 انھن کي ڄاڻ نہ ھئي تہ ڪھڙيءَ طرح خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، پر انھن پنھنجي منھن ڪوشش ڪئي، تنھنڪري اھي خدا جي سچائيءَ جا تابعدار نہ ٿيا.
4 مسيح جي اچڻ سان شريعت پوري ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تنھن کي خدا ڏانھن سچار بڻايو ويندو.