رومين 10:3-9 SCLNT

3 انھن کي ڄاڻ نہ ھئي تہ ڪھڙيءَ طرح خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، پر انھن پنھنجي منھن ڪوشش ڪئي، تنھنڪري اھي خدا جي سچائيءَ جا تابعدار نہ ٿيا.

4 مسيح جي اچڻ سان شريعت پوري ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تنھن کي خدا ڏانھن سچار بڻايو ويندو.

5 شريعت تي عمل ڪرڻ سان خدا ڏانھن سچار ٿيڻ جي باري ۾ موسيٰ لکي ٿو تہ ”شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ماڻھو جيئرو رھندو.“

6 پر جيڪو ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿو بڻجي، تنھن بابت چيل آھي تہ ”تون پنھنجي دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ڪير آسمان تي چڙھندو.“ ان جو مطلب ٿيندو مسيح کي ھيٺ لاھي آڻڻ.

7 يا ”ائين نہ چئُہ تہ ڪير پاتال ۾ لھي ويندو.“ ان جو مطلب ٿيندو مسيح کي مئلن مان موٽائي آڻڻ.

8 پر ھيئن چئُہ تہ ”خدا جو ڪلام تنھنجي ويجھو آھي، بلڪ تنھنجي چپن تي ۽ تنھنجي دل ۾ آھي.“ يعني ايمان جو اُھو پيغام جنھن جي اسين تبليغ ڪريون ٿا تہ

9 جيڪڏھن تون زبان سان اقرار ڪرين تہ ”عيسيٰ خداوند آھي“ ۽ دل ۾ ايمان آڻين تہ ”خدا کيس مئلن مان جيئرو ڪيو“ تہ پوءِ تو کي ڇوٽڪارو ملندو.