رومين 10:6-12 SCLNT

6 پر جيڪو ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿو بڻجي، تنھن بابت چيل آھي تہ ”تون پنھنجي دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ڪير آسمان تي چڙھندو.“ ان جو مطلب ٿيندو مسيح کي ھيٺ لاھي آڻڻ.

7 يا ”ائين نہ چئُہ تہ ڪير پاتال ۾ لھي ويندو.“ ان جو مطلب ٿيندو مسيح کي مئلن مان موٽائي آڻڻ.

8 پر ھيئن چئُہ تہ ”خدا جو ڪلام تنھنجي ويجھو آھي، بلڪ تنھنجي چپن تي ۽ تنھنجي دل ۾ آھي.“ يعني ايمان جو اُھو پيغام جنھن جي اسين تبليغ ڪريون ٿا تہ

9 جيڪڏھن تون زبان سان اقرار ڪرين تہ ”عيسيٰ خداوند آھي“ ۽ دل ۾ ايمان آڻين تہ ”خدا کيس مئلن مان جيئرو ڪيو“ تہ پوءِ تو کي ڇوٽڪارو ملندو.

10 ڇالاءِ⁠جو دل سان ايمان آڻڻ ڪري ماڻھو خدا ڏانھن سچار بڻايو وڃي ٿو ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ ڪري ڇوٽڪارو ملي ٿو.

11 ڇالاءِ⁠جو اھو لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻيندو تنھن کي مايوس نہ ڪيو ويندو.“

12 ھن ۾ ھر ھڪ اچي وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو يھودين ۽ غير قومن ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. خدا سڀني جو خداوند آھي ۽ جيڪو بہ کيس پڪاري ٿو تنھن تي گھڻي نعمت نازل ڪري ٿو.