رومين 11:1-6 SCLNT

1 تڏھن آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا خدا پنھنجيءَ قوم کي رد ڪيو؟ نہ، بلڪل نہ. آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آھيان ۽ ابراھيم جي اولاد بنيامين جي قبيلي مان آھيان.

2 خدا پنھنجي انھيءَ قوم کي رد ڪونہ ڪيو، جنھن کي اڳي ئي چونڊيو ھئائين. اوھين پاڻ پاڪ ڪتاب جي انھيءَ لکت بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا وٽ فرياد ٿو ڪري.

3 الياس چوي ٿو تہ ”اي خداوند! ھنن تنھنجي نبين کي ماريو آھي ۽ تنھنجين قربان⁠گاھن کي برباد ڪري ڇڏيو اٿئون، باقي آءٌ اڪيلو ئي وڃي بچيو آھيان ۽ منھنجي پٺيان بہ ھٿ ڌوئي ڪڍ لڳا آھن.“

4 پر خدا کيس ڪھڙو جواب ڏنو؟ ھن جواب ڏنو تہ ”مون پنھنجي لاءِ ست ھزار ماڻھو بچائي ڇڏيا آھن، جن بعل بت جي اڳيان سجدو نہ ڪيو آھي.“

5 ھاڻي بہ اھڙيءَ طرح ڪي ٿورا ماڻھو وڃي بچيا آھن جن کي خدا پنھنجي فضل سان چونڊيو آھي.

6 خدا جي چونڊ سندس فضل موجب ڪيل آھي، نہ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي چونڊ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب ھجي ھا تہ پوءِ خدا جو فضل سچو فضل نہ ليکجي ھا.