رومين 11:11-17 SCLNT

11 پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ جڏھن يھودين ٿاٻو کاڌو تہ ڇا اھي برباد ٿي ويا؟ نہ، بلڪل نہ. پر انھن جي ڏوھہ ڪرڻ ڪري غير قومن کي ڇوٽڪارو ملي ويو، تہ جيئن يھودي انھن تي ساڙ کائين.

12 يھودين جو ڏوھہ دنيا جي لاءِ فائدي وارو ٿئي ٿو ۽ سندن نقصان غيرقومن لاءِ فائديمند ٿئي ٿو. پر جڏھن سڀ يھودي فرمانبردار ٿيندا تہ خدا جي ڪيڏي نہ وڏي رحمت ٿيندي.

13 اي غير قومن وارؤ! ھاڻي آءٌ اوھان سان ڳالھائي رھيو آھيان، ڇالاءِ⁠جو آءٌ غير قومن ڏانھن رسول ڪري موڪليو ويو آھيان ۽ آءٌ پنھنجي ھن ڪم ۾ فخر محسوس ٿو ڪريان،

14 انھيءَ لاءِ تہ شايد آءٌ پنھنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ اھڙيءَ طرح انھن مان ڪن کي ڇوٽڪارو ملي.

15 پر جيڪڏھن انھن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري دنيا جو خدا سان ميلاپ ٿئي ٿو تہ پوءِ انھن کي خدا جي وري قبول ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟ اھو مئلن لاءِ زندگيءَ جي برابر ٿيندو.

16 جيڪڏھن خدا کي ڏنل نذراني جو پھريون چاڻو پاڪ آھي تہ سڄو ڳوھيل اٽو بہ پاڪ آھي ۽ جيڪڏھن ڪنھن وڻ جي پاڙ پاڪ آھي تہ سندس ٽاريون بہ پاڪ آھن.

17 پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڄي پيون ۽ اوھين غير قوم ھڪ جھنگلي زيتون جي ٽارين وانگر ساڻس پيوند ڪيا ويا، ھاڻي اوھين ان ساڳئي پوکيل زيتون جي پاڙ مان سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا.