رومين 11:23-29 SCLNT

23 يھودي بہ جيڪڏھن وري ايمان آڻيندا تہ انھن کي بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي وري پيوند ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو.

24 اوھين غير قومون انھيءَ جھنگلي وڻ جي ڀڳل ٽارين وانگر آھيو، جيڪي پوکيل زيتون سان غير طبعي طور پيوند ڪيون ويون آھن. يھودي پوکيل زيتون جي وڻ وانگر آھن، تہ پوءِ ھو ڪيترو نہ آسانيءَ سان پنھنجي اصلي زيتون جي وڻ سان پيوند ٿي سگھندا جنھن جون ھو ٽاريون آھن.

25 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ڳجھو راز آھي. آءٌ سمجھان ٿو تہ اھو اوھان کي ڄاڻڻ گھرجي، شايد اھو اوھان کي فخر ڪرڻ کان بچائي. اھو راز ھيئن آھي تہ بني اسرائيل ۾ ڪجھہ سنگدلي پيدا ٿي آھي. پر اھا رڳو ايستائين رھندي جيستائين سڀ غير قومون خدا ڏانھن ڦري پون.

26 اھڙيءَ طرح سڀ بني اسرائيل ڇوٽڪارو حاصل ڪندا، جيئن لکيل آھي تہ”صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو.ھو يعقوب جي اولاد مانسندن بڇڙاين کي پري ڪندو.

27 جڏھن آءٌ ھنن جا گناھہ ميٽي ڇڏيندس،تڏھن ساڻن منھنجو اھو ھڪڙو عھد ٿيندو.“

28 خوشخبريءَ جي تبليغ تي يھودي خدا جا دشمن ٿيا ۽ اھو اوھان لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر خدا جا چونڊيل ھئڻ سبب ۽ پنھنجن بزرگن جي ڪري اھي خدا جا پيارا آھن.

29 ڇالاءِ⁠جو خدا جون بخششون ۽ سندس ڪيل چونڊ تبديل ٿيندڙ نہ آھي.