18 جيڪڏھن ٿي سگھي تہ اوھين پنھنجي وس آھر سڀني ماڻھن سان صلح ۾ رھو.
19 اي منھنجا پيارا دوستو! پاڻ ڪڏھن بہ بدلو نہ وٺو، پر اھو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو. ڇالاءِجو پاڪ لکتن ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي ۽ آءٌ ئي سزا ڏيندس.“
20 اھو بہ لکيل آھي تہ ”جيڪڏھن تنھنجو دشمن بکايل آھي تہ کيس کاراءِ ۽ اڃايل آھي تہ کيس پيار، ڇالاءِجو ائين ڪرڻ سان تون ھن کي شرمسار ڪندين.“
21 اوھين بڇڙائيءَ کان شڪست نہ کائو، بلڪ نيڪيءَ جي وسيلي بڇڙائيءَ تي فتح حاصل ڪريو.