رومين 15:11-17 SCLNT

11 وري بہ چيل آھي تہ”اي غير قومون! اوھين سڀيئي خداوند جي واکاڻ ڪريو.اي سڀيئي قومون! اوھين سندس تعريف ڪريو.“

12 وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو تہ”يشيءَ جي اولاد مان ڪو ايندو،يعني ھو غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ايندو۽ اھي ھن ۾ اميد رکنديون.“

13 شل اميد بخشيندڙ خدا اوھان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوھين اميد ۾ وڌندا وڃو.

14 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آھي تہ اوھين نيڪيءَ سان ڀريل آھيو، علم سان ڀرپور آھيو ۽ ھڪ ٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا.

15 پر ھن خط ۾ ڪٿي ڪٿي اوھان کي ياد ڏيارڻ لاءِ مون ڪجھہ دليريءَ سان لکيو آھي. خدا مون تي اھو ڪرم ڪيو آھي تہ

16 آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاھنن وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ غير قومون، جن کي پاڪ روح پاڪ ڪيو آھي سي خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.

17 تنھنڪري عيسيٰ مسيح جي وسيلي آءٌ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ فخر ٿو ڪريان.