رومين 15:15-21 SCLNT

15 پر ھن خط ۾ ڪٿي ڪٿي اوھان کي ياد ڏيارڻ لاءِ مون ڪجھہ دليريءَ سان لکيو آھي. خدا مون تي اھو ڪرم ڪيو آھي تہ

16 آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاھنن وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ غير قومون، جن کي پاڪ روح پاڪ ڪيو آھي سي خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.

17 تنھنڪري عيسيٰ مسيح جي وسيلي آءٌ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ فخر ٿو ڪريان.

18 آءٌ رڳو انھن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالھايان ٿو، جيڪي مسيح قول ۽ فعل جي وسيلي مون کان ڪرايا، تہ جيئن غير قومون خدا جون تابعدار ٿين.

19 يعني اھي ڪم جيڪي ڪرامتن، معجزن جي طاقت ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اھڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي ويندي اِلرڪم تائين چئني پاسن مسيح جي خوشخبريءَ جي چڱيءَ طرح منادي ڪئي آھي.

20 مون اھو پڪو ارادو ڪيو آھي تہ جتي مسيح جو نالو اڳي نہ ورتو ويو آھي اُتي سندس خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، انھيءَ لاءِ تہ ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان.

21 جيئن لکيل آھي تہ”جن کي ھن جي خبر نہ آھي سي ڏسندا۽ جن نہ ٻڌو آھي سي سمجھندا.“