رومين 15:18-24 SCLNT

18 آءٌ رڳو انھن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالھايان ٿو، جيڪي مسيح قول ۽ فعل جي وسيلي مون کان ڪرايا، تہ جيئن غير قومون خدا جون تابعدار ٿين.

19 يعني اھي ڪم جيڪي ڪرامتن، معجزن جي طاقت ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اھڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي ويندي اِلرڪم تائين چئني پاسن مسيح جي خوشخبريءَ جي چڱيءَ طرح منادي ڪئي آھي.

20 مون اھو پڪو ارادو ڪيو آھي تہ جتي مسيح جو نالو اڳي نہ ورتو ويو آھي اُتي سندس خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، انھيءَ لاءِ تہ ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان.

21 جيئن لکيل آھي تہ”جن کي ھن جي خبر نہ آھي سي ڏسندا۽ جن نہ ٻڌو آھي سي سمجھندا.“

22 انھيءَ ڪري مون کي اوھان ڏانھن اچڻ کان ڪيترائي دفعا روڪيو ويو.

23 پر ھاڻي ھنن علائقن ۾ رھڻ لاءِ منھنجي ڪابہ ضرورت ڪانہ رھي آھي ۽ ڪيترن ئي ورھين کان سڪ اٿم تہ اوھان ڏانھن اچان.

24 سو جڏھن آءٌ اسپين ڏانھن ويندس، تڏھن اميد آھي تہ رستي تي اوھان وٽان ٿيندو ويندس. پوءِ جڏھن اوھان جي محبت مان منھنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي تہ اوھين مون کي اسپين ڏانھن روانو ڪري ڇڏجو.