21 جيئن لکيل آھي تہ”جن کي ھن جي خبر نہ آھي سي ڏسندا۽ جن نہ ٻڌو آھي سي سمجھندا.“
22 انھيءَ ڪري مون کي اوھان ڏانھن اچڻ کان ڪيترائي دفعا روڪيو ويو.
23 پر ھاڻي ھنن علائقن ۾ رھڻ لاءِ منھنجي ڪابہ ضرورت ڪانہ رھي آھي ۽ ڪيترن ئي ورھين کان سڪ اٿم تہ اوھان ڏانھن اچان.
24 سو جڏھن آءٌ اسپين ڏانھن ويندس، تڏھن اميد آھي تہ رستي تي اوھان وٽان ٿيندو ويندس. پوءِ جڏھن اوھان جي محبت مان منھنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي تہ اوھين مون کي اسپين ڏانھن روانو ڪري ڇڏجو.
25 پر فيالحال آءٌ ايمان وارن جي خدمت ڪرڻ لاءِ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو آھيان.
26 ڇالاءِجو مڪدونيا ۽ اخيا وارن ڀائرن جي مرضي آھي تہ ھو يروشلم جي ايمان وارن ۾ جيڪي غريب آھن تن لاءِ چندو موڪلين.
27 انھن پاڻ اھو فيصلو ڪيو آھي. پر حقيقت ۾ بہ مٿن اھو فرض ھو، ڇالاءِجو يروشلم جي ايمان وارن، غير قومن کي پنھنجي روحاني برڪتن ۾ ڀائيوار ڪيو ھو. سو غير قومن تي واجب آھي تہ ھو پنھنجن مالي برڪتن سان انھن جي مدد ڪن.