رومين 15:24-30 SCLNT

24 سو جڏھن آءٌ اسپين ڏانھن ويندس، تڏھن اميد آھي تہ رستي تي اوھان وٽان ٿيندو ويندس. پوءِ جڏھن اوھان جي محبت مان منھنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي تہ اوھين مون کي اسپين ڏانھن روانو ڪري ڇڏجو.

25 پر في⁠الحال آءٌ ايمان وارن جي خدمت ڪرڻ لاءِ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو آھيان.

26 ڇالاءِ⁠جو مڪدونيا ۽ اخيا وارن ڀائرن جي مرضي آھي تہ ھو يروشلم جي ايمان وارن ۾ جيڪي غريب آھن تن لاءِ چندو موڪلين.

27 انھن پاڻ اھو فيصلو ڪيو آھي. پر حقيقت ۾ بہ مٿن اھو فرض ھو، ڇالاءِ⁠جو يروشلم جي ايمان وارن، غير قومن کي پنھنجي روحاني برڪتن ۾ ڀائيوار ڪيو ھو. سو غير قومن تي واجب آھي تہ ھو پنھنجن مالي برڪتن سان انھن جي مدد ڪن.

28 جڏھن آءٌ اھو ضروري ڪم ختم ڪندس ۽ جيڪو انھن لاءِ چندو گڏ ٿيو سو انھن جي حوالي ڪندس، تڏھن آءٌ اسپين ڏانھن ويندس ۽ رستي تي اوھان سان بہ ملندو ويندس.

29 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏھن آءٌ اوھان وٽ ايندس تہ مسيح جي ڪامل برڪت کنيو ايندس.

30 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جو واسطو ڏيئي ۽ پاڪ روح جي محبت ياد ڏياري اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي دل ⁠وَ جان سان خدا کان منھنجي لاءِ دعا گھرو،