14 اسنڪرتس، فلگون، ھرميس، پترباس، ھرماس ۽ ٻين مسيحي ڀائرن ۽ ڀينرن کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جيڪي انھن سان گڏ آھن.
15 فِللگس، يوليا، نيريوس ۽ سندس ڀيڻ، المپاس ۽ انھن سڀني ايمان وارن کي بہ جيڪي انھن سان گڏ آھن، منھنجا سلام ڏجو.
16 ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام چئجو. مسيح جون سڀ ڪليسيائون اوھان کي سلام ڏين ٿيون.
17 ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوھان کي ملي آھي تنھن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻھن کي گمراھہ ڪن ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رھجو.
18 ڇالاءِجو جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خداوند جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنھنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنھنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.
19 مسيح سان اوھان جي وفاداري سڀني ماڻھن کي معلوم ٿي ويئي آھي، تنھنڪري آءٌ اوھان مان ڏاڍو خوش آھيان. پر منھنجي اھا بہ خواھش آھي تہ اوھين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رھو،
20 تہ پوءِ خدا، جيڪو اطمينان ڏيڻ وارو آھي سو شيطان کي جلد ئي اوھان جي پيرن ھيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوھان سڀني تي ھجي.