7 منھنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ ھئا ۽ جيڪي رسولن ۾ مشھور آھن ۽ مون کان اڳي مسيحي ٿيا ھئا.
8 امپلياطس کي منھنجا سلام ڏجو، جيڪو مسيح جي معرفت منھنجو پيارو دوست آھي.
9 اُربانس کي منھنجا سلام ڏجو، جيڪو مسيح جي خدمت ۾ مون سان گڏ آھي ۽ منھنجي پياري دوست استاخس کي بہ سلام ڏجو.
10 اپليس کي سلام ڏجو، جنھن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آھي. ارستبولس جي گھر جي ڀاتين کي بہ منھنجا سلام ڏجو.
11 منھنجي قوم واري ھيروديون کي منھنجا سلام ڏجو ۽ نرڪسس جي گھر وارن مسيحي ڀائرن کي بہ منھنجا سلام ڏجو.
12 تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون تن کي منھنجا سلام ڏجو. پياري پرسس کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جنھن خداوند لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آھي.
13 روفس، جيڪو خداوند جو چونڊيل خادم آھي تنھن کي سلام ڏجو ۽ سندس ماءُ کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جنھن مون کي پنھنجو پٽ ڪري ڀانئيو.