1 اي انسان! ڇا تون ٻين جي عيبجوئي ڪندو آھين؟ تو کي ڪوبہ حق نہ ٿو پھچي، کڻي تون ڪير بہ ھجين. ڇالاءِجو جيڪي ڏوھہ تون ٻين تي ٿو مڙھين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوھاري ٿو ٺھرائين.
2 اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا تن جو فيصلو خدا جي طرفان حق موجب ٿئي ٿو.
3 اي انسان! تون اھڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي ڏوھہ تہ ڏين ٿو، پر پاڻ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين. ڇا تون ائين سمجھين ٿو تہ خدا جي فيصلي کان بچي ويندين؟
4 يا تون خدا جي ڀلائي، بردباري ۽ صبر جي نعمتن کي گھٽ ٿو سمجھين. ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبھہ ڏانھن ڇڪي رھي آھي.
5 پر تون جو سختدل ٿيو آھين ۽ توبھہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انھيءَ قھر واري ڏينھن واسطي پاڻ پنھنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنھن ڏينھن خدا جو پورو پورو انصاف ظاھر ٿيندو.