رومين 2:15-21 SCLNT

15 ڇالاءِ⁠جو انھن قومن جي عمل مان خبر پوي ٿي تہ شريعت جون ڳالھيون سندن دلين تي اُڪريل آھن ۽ سندن ضمير انھن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي. انھن جا خيال ڪڏھن پنھنجو پاڻ تي تھمت ٿا ھڻن تہ ڪڏھن پاڻ کي ڇٽل ٿا رکن.

16 انھن ڳالھين جو فيصلو انھيءَ ڏينھن ٿيندو جنھن ڏينھن خدا عيسيٰ مسيح جي معرفت ماڻھن جي دلين جي لڪل ڳالھين جو فيصلو ڪندو ۽ اھو منھنجي انھيءَ خوشخبريءَ مطابق آھي جنھن جي آءٌ تبليغ ٿو ڪريان.

17 تون ڪير آھين جو پاڻ کي يھودي ٿو سڏائين؟ تون شريعت تي ڀروسو ٿو رکين ۽ خدا تي فخر ٿو ڪرين.

18 تو کي خبر آھي تہ خدا جي رضا تنھنجي ڪھڙن ڪمن ۾ آھي، تو کي شريعت مان خبر پيئي آھي تہ صحيح رستو ڪھڙو آھي.

19 تو کي يقين آھي تہ تون انڌن لاءِ رھبر ۽ انھن لاءِ روشني آھين جيڪي اونداھيءَ ۾ آھن.

20 تون بي⁠وقوفن کي سڌاريندڙ ۽ جوانن لاءِ استاد آھين. تو کي يقين آھي تہ سڄو علم ۽ سچ تو وٽ شريعت ۾ موجود آھي.

21 ٻين کي تہ تون اھو سيکارين ٿو پر پاڻ کي ڇو نہ ٿو سيکارين؟ تون تبليغ تہ ڪرين ٿو تہ ”چوري نہ ڪر.“ پر تون پاڻ چوري ڇو ٿو ڪرين؟