19 تو کي يقين آھي تہ تون انڌن لاءِ رھبر ۽ انھن لاءِ روشني آھين جيڪي اونداھيءَ ۾ آھن.
20 تون بيوقوفن کي سڌاريندڙ ۽ جوانن لاءِ استاد آھين. تو کي يقين آھي تہ سڄو علم ۽ سچ تو وٽ شريعت ۾ موجود آھي.
21 ٻين کي تہ تون اھو سيکارين ٿو پر پاڻ کي ڇو نہ ٿو سيکارين؟ تون تبليغ تہ ڪرين ٿو تہ ”چوري نہ ڪر.“ پر تون پاڻ چوري ڇو ٿو ڪرين؟
22 تون چوين ٿو تہ ”زنا نہ ڪر.“ پر تون پاڻ زنا ڇو ٿو ڪرين؟ تون بتن کان تہ نفرت ڪرين ٿو، پر تون خدا جي بيحرمتي ڇو ٿو ڪرين؟
23 اي يھودي! تون شريعت تي فخر تہ ڪرين ٿو، پر تون پاڻ شريعت جا حڪم ڀڃي خدا جي بيحرمتي ڇو ٿو ڪرين؟
24 ڇا ھي لکيل نہ آھي تہ ”اوھان يھودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“
25 طھر ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آھي، پر تڏھن جڏھن تون شريعت تي عمل ڪرين. پر جيڪڏھن تون شريعت تي عمل ئي نہ ٿو ڪرين تہ پوءِ تنھنجو طھر جھڙو ٿيو تھڙو نہ ٿيو.