6 خدا ھر ڪنھن کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.
7 جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رھندي جلال، عزت ۽ بقا جا طالب آھن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.
8 پر جيڪي خودغرض آھن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي خدا جو غضب ۽ قھر نازل ٿيندو.
9 جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن تي مصيبت ۽ تڪليف نازل ٿيندي، پھريائين يھودين تي پوءِ غير قومن تي.
10 پر جيڪي چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خدا شان، عزت ۽ سلامتي ڏيندو، پھريائين يھودين کي پوءِ غير قومن کي.
11 ڇالاءِجو خدا ڪنھن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.
12 خدا ھر گناھہ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. جن شريعت جي ملڻ کان سواءِ گناھہ ڪيو، سي شريعت کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ جن شريعت ھوندي گناھہ ڪيو، تن جو فيصلو بہ شريعت موجب ٿيندو.