رومين 2:9-15 SCLNT

9 جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن تي مصيبت ۽ تڪليف نازل ٿيندي، پھريائين يھودين تي پوءِ غير قومن تي.

10 پر جيڪي چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خدا شان، عزت ۽ سلامتي ڏيندو، پھريائين يھودين کي پوءِ غير قومن کي.

11 ڇالاءِ⁠جو خدا ڪنھن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.

12 خدا ھر گناھہ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. جن شريعت جي ملڻ کان سواءِ گناھہ ڪيو، سي شريعت کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ جن شريعت ھوندي گناھہ ڪيو، تن جو فيصلو بہ شريعت موجب ٿيندو.

13 ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ٻڌڻ وارا خدا ڏانھن سچار نہ ٿا بڻجن، پر خدا ڏانھن اھي سچار بڻجن ٿا. جيڪي شريعت تي عمل ڪن ٿا.

14 غير قومون جن وٽ شريعت ڪانھي سي جيڪڏھن پنھنجي فطرت موجب شريعت جھڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اھي پنھنجي لاءِ پاڻ شريعت آھن، توڙي جو انھن وٽ شريعت نہ آھي.

15 ڇالاءِ⁠جو انھن قومن جي عمل مان خبر پوي ٿي تہ شريعت جون ڳالھيون سندن دلين تي اُڪريل آھن ۽ سندن ضمير انھن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي. انھن جا خيال ڪڏھن پنھنجو پاڻ تي تھمت ٿا ھڻن تہ ڪڏھن پاڻ کي ڇٽل ٿا رکن.