رومين 3:24-30 SCLNT

24 رڳو خدا جي فضل جي بخشش جي ڪري اھي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻجن ٿا، جيڪو کين گناھن کان ڇڏائي ٿو.

25 عيسيٰ مسيح جي قربانيءَ جي ڪري خدا کيس اھڙو ڪفارو بڻايو، جو جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تہ ان جا گناھہ معاف ٿيندا. ان مان اھو ظاھر ٿو ٿئي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. ھن کان اڳي خدا صبر ڪيو ۽ ماڻھن جي ڏوھن کي درگذر ڪيائين.

26 پر ھاڻي خدا پنھنجو انصاف ظاھر ڪري ٿو. جيئن تہ ھو پاڻ سچو آھي، سو ھر انھيءَ کي پاڻ ڏانھن سچار بڻائي ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.

27 پوءِ اسان کي فخر ڪرڻ نہ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اسين شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو ايمان جي ئي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿي سگھون ٿا.

28 آخرڪار نتيجو اھو نڪتو جو اسين شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿي سگھون ٿا.

29 ڇا خدا رڳو يھودين جو خدا آھي؟ ڇا ھو غير قومن جو خدا نہ آھي؟ ھا، ھو بلڪل آھي.

30 بيشڪ خدا ھڪڙو ئي آھي، جيڪو طھريلن توڙي اڻ⁠طھريلن کي سندن ايمان آڻڻ جي ڪري ئي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو.