1 اسين پنھنجي ڏاڏي ابراھيم بابت ڇا چئون؟ ھن کي ڇا حاصل ٿيو؟
2 جيڪڏھن ابراھيم پنھنجي عملن جي ڪري خدا ڏانھن سچار ٿيو ھجي ھا تہ کيس فخر ڪرڻ جو سبب ھجي ھا، پر ھو خدا جي حضور ۾ فخر ڪري نہ سگھيو.
3 پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ انھيءَ ڪري خدا کيس پاڻ ڏانھن سچار ليکيو.“
4 جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪم ڪري ٿو تہ ان جو بدلو بخشش نہ پر حق ٿو ڪري ليکجي.