5 پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪم نہ ٿو ڪري ۽ رڳو ان خدا تي ايمان آڻي ٿو جيڪو گنھگارن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، تہ سندس ايمان سچائي ڪري ٿو ليکجي.
6 خدا جنھن ماڻھوءَ کي سندس عملن کان سواءِ ئي پاڻ ڏانھن سچار ليکي ٿو، تنھن کي دائود بہ ھيئن سڀاڳو ٿو سڏي تہ
7 ”سڀاڳا آھن اُھي، جن جا ڏوھہ خدا معاف ڪيا۽ سندن گناھہ ڍڪي ڇڏيائين.
8 سڀاڳو آھي اُھو، جنھن جا گناھہخداوند حساب ۾ ڪين آڻيندو.“
9 ڇا اھا سڀاڳائي دائود رڳو انھن لاءِ چئي آھي جيڪي طھريل آھن؟ نہ. پر ان جو واسطو انھن سان بہ آھي جيڪي طھريل نہ آھن، ڇاڪاڻتہ اسان اڳ ۾ چيو آھي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ سندس ايمان جي ئي ڪري خدا کيس سچار ليکيو.“
10 اھا سڀاڳائي ابراھيم کي ڪڏھن ملي؟ کيس طھر ڪرائڻ کان اڳ ۾ ملي يا پوءِ؟ اھا ابراھيم کي طھر ڪرائڻ کان پوءِ نہ پر اڳ ۾ ملي ھئي.
11 ابراھيم جو طھر پوءِ ٿيو ۽ اھو طھر ھڪ ثابتيءَ جو نشان ھو تہ خدا کيس طھر کان اڳ ۾ سندس ايمان جي ئي ڪري سچار ڪري قبول ڪيو. سو ابراھيم انھن سڀني جو پيءُ آھي، جيڪي خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ ھو کين سچار ڪري قبول ڪري ٿو، جيتوڻيڪ اھي طھريل نہ آھن.