7 ”سڀاڳا آھن اُھي، جن جا ڏوھہ خدا معاف ڪيا۽ سندن گناھہ ڍڪي ڇڏيائين.
8 سڀاڳو آھي اُھو، جنھن جا گناھہخداوند حساب ۾ ڪين آڻيندو.“
9 ڇا اھا سڀاڳائي دائود رڳو انھن لاءِ چئي آھي جيڪي طھريل آھن؟ نہ. پر ان جو واسطو انھن سان بہ آھي جيڪي طھريل نہ آھن، ڇاڪاڻتہ اسان اڳ ۾ چيو آھي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ سندس ايمان جي ئي ڪري خدا کيس سچار ليکيو.“
10 اھا سڀاڳائي ابراھيم کي ڪڏھن ملي؟ کيس طھر ڪرائڻ کان اڳ ۾ ملي يا پوءِ؟ اھا ابراھيم کي طھر ڪرائڻ کان پوءِ نہ پر اڳ ۾ ملي ھئي.
11 ابراھيم جو طھر پوءِ ٿيو ۽ اھو طھر ھڪ ثابتيءَ جو نشان ھو تہ خدا کيس طھر کان اڳ ۾ سندس ايمان جي ئي ڪري سچار ڪري قبول ڪيو. سو ابراھيم انھن سڀني جو پيءُ آھي، جيڪي خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ ھو کين سچار ڪري قبول ڪري ٿو، جيتوڻيڪ اھي طھريل نہ آھن.
12 ھو انھن جو بہ پيءُ آھي جيڪي طھريل آھن، نہ رڳو انھيءَ لاءِ تہ اُھي طھريل آھن، پر انھيءَ لاءِ بہ تہ اُھي ايمان جي اھڙي زندگي گذارين ٿا جھڙي اسان جي پيءُ ابراھيم طھر کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاري.
13 خدا ابراھيم ۽ سندس اولاد سان واعدو ڪيو ھو تہ ھو کين دنيا جو وارث بڻائيندو. پر ھي واعدو انھيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابراھيم شريعت جي حڪمن تي عمل ڪندو ھو، بلڪ انھيءَ ڪري جو ھن ايمان آندو ھو ۽ خدا کيس پاڻ ڏانھن سچار ليکيو ھو.