3 نہ رڳو ايترو پر پنھنجن مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون، ڇالاءِجو اسان کي خبر آھي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿئي ٿو.
4 صبر مان خدا جي رضامندي پيدا ٿئي ٿي ۽ سندس رضامنديءَ مان اميد پيدا ٿئي ٿي.
5 اسان کي انھيءَ اميد مان مايوسي نہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻتہ پاڪ روح، جيڪو اسان کي ڏنو ويو آھي، تنھن جي وسيلي خدا جو پيار اسان جي دلين ۾ اوتيو ويو آھي.
6 جڏھن اسين اڃا لاچار ئي ھئاسين تہ بلڪل انھيءَ وقت مسيح اسان بدڪارن لاءِ جان ڏني.
7 ڪنھن سچار ماڻھوءَ خاطر بہ مشڪل سان ئي ڪو پنھنجي جان ڏيندو، پر ٿي سگھي ٿو جو ڪو ماڻھو ڪنھن نيڪ ماڻھوءَ لاءِ پنھنجي جان ڏيڻ جي ھمت ڪري بہ وجھي.
8 پر خدا اسان سان پنھنجو پيار انھيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏھن اسين اڃا گنھگار ئي ھئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ مئو.
9 ھاڻ جڏھن ھن جي موت جي وسيلي اسين خدا ڏانھن سچار ٿياسين، تہ انھيءَ کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسين مسيح جي وسيلي خدا جي غضب کان بچي وينداسين.