رومين 6:11-17 SCLNT

11 اھڙيءَ طرح اوھين بہ پاڻ کي گناھہ جي نسبت مئل سمجھو، پر خدا جي نسبت عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڻ کي جيئرو سمجھو.

12 تنھنڪري اوھين پنھنجي ھن فاني جسم ۾ گناھہ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوھين گناھہ جي خواھشن جي تابعداري ڪريو.

13 پنھنجي جسم جي عضون کي گناھہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اھي بڇڙائيءَ جا ھٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوھان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا ھٿيار ٿين.

14 ڇالاءِ⁠جو ھاڻي گناھہ جو اوھان تي ڪوبہ اختيار نہ آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اوھين شريعت جي تابع نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيو.

15 پوءِ ڇا اسين گناھہ ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اسين شريعت جي نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيون؟ نہ، بلڪل نہ.

16 اوھان کي خبر آھي تہ جيڪڏھن اوھين غلامن وانگر ڪنھن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ اوھين انھيءَ ماڻھوءَ جا غلام آھيو. ھاڻي جيڪڏھن اوھين گناھہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آھي. پر جيڪڏھن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ھو اوھان کي سچار ڪري قبول ڪندو.

17 خدا جو شڪر آھي جو جيتوڻيڪ اوھين گناھہ جا غلام ھئا، پر جيڪا تعليم اوھان کي ڏني ويئي تنھن جي اوھان دل⁠وجان سان تابعداري ڪئي.