20 جڏھن اوھين گناھہ جا غلام ھئا، تڏھن سچائيءَ جي نسبت آزاد ھئا.
21 سو جن ڪمن جي ڪري اوھين ھن مھل شرمسار آھيو، تن مان انھيءَ وقت اوھان کي ڪھڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇالاءِجو انھن ڪمن جو نتيجو موت آھي.
22 پر ھاڻي اوھين گناھن کان آزاد ڪيا ويا آھيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آھيو، جنھن جو اجر اوھان جي پاڪائي آھي ۽ جنھن جو نتيجو آھي دائمي زندگي.
23 ڇالاءِجو گناھہ جو اجر موت آھي. پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت دائمي زندگي آھي.