رومين 6:9-15 SCLNT

9 اسان کي اھا بہ خبر آھي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ وري مرڻ جو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آھي.

10 جڏھن ھو مئو تہ گناھہ جي نسبت ھڪڙو ئي دفعو مئو، پر ھاڻي جڏھن ھو جيئرو آھي تہ خدا جي نسبت جيئرو آھي.

11 اھڙيءَ طرح اوھين بہ پاڻ کي گناھہ جي نسبت مئل سمجھو، پر خدا جي نسبت عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڻ کي جيئرو سمجھو.

12 تنھنڪري اوھين پنھنجي ھن فاني جسم ۾ گناھہ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوھين گناھہ جي خواھشن جي تابعداري ڪريو.

13 پنھنجي جسم جي عضون کي گناھہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اھي بڇڙائيءَ جا ھٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوھان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا ھٿيار ٿين.

14 ڇالاءِ⁠جو ھاڻي گناھہ جو اوھان تي ڪوبہ اختيار نہ آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اوھين شريعت جي تابع نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيو.

15 پوءِ ڇا اسين گناھہ ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اسين شريعت جي نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيون؟ نہ، بلڪل نہ.