10 اھو ئي شرعي حڪم جنھن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ ھو، سو ئي منھنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.
11 ڇالاءِجو گناھہ کي وجھہ ملي ويو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي مون کي برغلايائين ۽ انھيءَ ئي شرعي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.
12 جڏھن تہ شريعت پاڻ پاڪ آھي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچو ۽ چڱو آھي،
13 تہ پوءِ جيڪا شيءِ چڱي آھي تہ ڇا تنھن ئي مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر گناھہ پنھنجي گنھگاري ظاھر ڪرڻ لاءِ ھڪ چڱي شيءِ جو سھارو وٺي مون کي ماريو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي گناھہ حد کان وڌيڪ بڇڙو ثابت ٿيو.
14 اسان کي خبر آھي تہ شريعت روحاني آھي. پر آءٌ جسماني آھيان، ڇالاءِجو آءٌ گناھہ جو زرخريد غلام آھيان.
15 مون کي پنھنجن ڪمن جي ئي خبر نہ ٿي پوي، ڇالاءِجو جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اھي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آھي.
16 جيڪڏھن آءٌ اھي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ شريعت سچي آھي.