22 منھنجي دل تہ خدا جي شريعت مان خوش آھي،
23 پر مون کي پنھنجي جسم ۾ ھڪ ٻيو اصول بہ نظر اچي ٿو، جيڪو منھنجي عقل جي اصول سان جنگ ڪري ٿو. اھو گناھہ جو اصول آھي، جيڪو منھنجي جسم ۾ موجود آھي ۽ اھو مون کي غلام بڻائي ٿو.
24 آءٌ ڪيڏو نہ ڪمبخت ماڻھو آھيان. مون کي انھيءَ جسم کان ڪير ڇڏائيندو جنھن جي وسيلي موت ايندو؟
25 آءٌ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو.مطلب تہ آءٌ پنھنجي عقل سان خدا جي شريعت جو تابعدار آھيان، پر آءٌ پنھنجي انساني فطرت جي ڪري گناھہ جي حڪم جو تابعدار آھيان.