رومين 7:5-11 SCLNT

5 جڏھن اسين رڳو انساني فطرت موجب رھندا ھئاسين، تڏھن اسان جون نفساني خواھشون، جيڪي شريعت جي ڪري ظاھر ٿي ٿيون سي اسان تي قابض ھيون، جنھن ڪري اسان موت لائق ڦل جھليوسين.

6 پر ھاڻي اسين شريعت کان ڇٽل آھيون، ڇالاءِ⁠جو جنھن سان اسين ٻڌل ھئاسين تنھن جي نسبت تہ مئاسين. ھاڻي اسين خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پاڪ روح جي نئين طريقي جا پابند آھيون.

7 پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ شريعت گناھہ آھي؟ نہ، بلڪل نہ، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن شريعت نہ ھجي ھا تہ مون کي گناھہ جي خبر نہ پوي ھا. جيڪڏھن شريعت نہ چوي ھا تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ھا.

8 پر گناھہ کي وجھہ ملي ويو. سو ھن انھيءَ شرعي حڪم جي وسيلي مون ۾ ھر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇالاءِ⁠جو شريعت کان سواءِ گناھہ مئل آھي.

9 ڪو وقت ھو جڏھن شريعت کان سواءِ آءٌ جيئرو ھوس، پر جڏھن شرعي حڪم آيو تہ گناھہ جيئرو ٿي پيو ۽ آءٌ مري ويس.

10 اھو ئي شرعي حڪم جنھن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ ھو، سو ئي منھنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.

11 ڇالاءِ⁠جو گناھہ کي وجھہ ملي ويو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي مون کي برغلايائين ۽ انھيءَ ئي شرعي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.