6 پر ھاڻي اسين شريعت کان ڇٽل آھيون، ڇالاءِجو جنھن سان اسين ٻڌل ھئاسين تنھن جي نسبت تہ مئاسين. ھاڻي اسين خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پاڪ روح جي نئين طريقي جا پابند آھيون.
7 پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ شريعت گناھہ آھي؟ نہ، بلڪل نہ، ڇالاءِجو جيڪڏھن شريعت نہ ھجي ھا تہ مون کي گناھہ جي خبر نہ پوي ھا. جيڪڏھن شريعت نہ چوي ھا تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ھا.
8 پر گناھہ کي وجھہ ملي ويو. سو ھن انھيءَ شرعي حڪم جي وسيلي مون ۾ ھر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇالاءِجو شريعت کان سواءِ گناھہ مئل آھي.
9 ڪو وقت ھو جڏھن شريعت کان سواءِ آءٌ جيئرو ھوس، پر جڏھن شرعي حڪم آيو تہ گناھہ جيئرو ٿي پيو ۽ آءٌ مري ويس.
10 اھو ئي شرعي حڪم جنھن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ ھو، سو ئي منھنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.
11 ڇالاءِجو گناھہ کي وجھہ ملي ويو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي مون کي برغلايائين ۽ انھيءَ ئي شرعي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.
12 جڏھن تہ شريعت پاڻ پاڪ آھي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچو ۽ چڱو آھي،