1 تنھنڪري جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، تن لاءِ ھاڻي سزا جو حڪم نہ آھي.
2 ڇالاءِجو پاڪ روح جو اصول جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري زندگي ڏئي ٿو، تنھن اسان کي گناھہ ۽ موت جي اصول کان ڇڏايو آھي.
3 جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو، يعني ھن پنھنجي فرزند کي گنھگار انساني صورت ۾ موڪليو تہ جيئن ھو اسان جي گناھن لاءِ قربان ٿئي ۽ گناھہ کي سزاوار بڻائي.
4 اھو خدا انھيءَ لاءِ ڪيو تہ اسين جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلون ٿا، تن ۾ شريعت جي سچائي پوري ٿي وڃي.
5 جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي انساني فطرت جا تابعدار آھن. پر جيڪي پاڪ روح موجب ھلن ٿا سي پاڪ روح جا تابعدار آھن.