رومين 8:1-7 SCLNT

1 تنھنڪري جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، تن لاءِ ھاڻي سزا جو حڪم نہ آھي.

2 ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جو اصول جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري زندگي ڏئي ٿو، تنھن اسان کي گناھہ ۽ موت جي اصول کان ڇڏايو آھي.

3 جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو، يعني ھن پنھنجي فرزند کي گنھگار انساني صورت ۾ موڪليو تہ جيئن ھو اسان جي گناھن لاءِ قربان ٿئي ۽ گناھہ کي سزاوار بڻائي.

4 اھو خدا انھيءَ لاءِ ڪيو تہ اسين جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلون ٿا، تن ۾ شريعت جي سچائي پوري ٿي وڃي.

5 جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي انساني فطرت جا تابعدار آھن. پر جيڪي پاڪ روح موجب ھلن ٿا سي پاڪ روح جا تابعدار آھن.

6 جيڪڏھن ڪنھن جي نيت انساني فطرت جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو موت آھي. پر جي ڪنھن جي نيت پاڪ روح جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو زندگي ۽ سلامتي آھي.

7 انساني نيت خدا جو دشمن بڻائي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھا نيت نہ شريعت جي تابع آھي ۽ نڪي تابع ٿي سگھي ٿي.