رومين 8:29-35 SCLNT

29 ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي اڳي ئي ڄاتو ٿي ۽ کين پنھنجي فرزند جھڙو ٿيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ھئائين تہ سندس فرزند گھڻن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ پھريتو ٿئي.

30 سو خدا جن کي مخصوص ڪيو ھو تن کي ئي چونڊيائين ۽ جن کي چونڊيائين تن کي پاڻ ڏانھن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنھنجو جلوو بہ بخشيائين.

31 انھن سڀني ڳالھين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏھن خدا اسان سان آھي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟

32 ھن تہ پنھنجو فرزند بہ اسان کان نہ وانجھيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. جڏھن ھن پنھنجو فرزند اسان کي ڏنو تہ پوءِ ٻي ڪھڙي شيءِ آھي جا ھو اسان کي نہ بخشيندو؟

33 خدا جي چونڊيل ماڻھن تي ڪير تھمت ھڻندو؟ جڏھن خدا خود انھن کي پاڻ ڏانھن سچار ٿو بڻائي.

34 پوءِ ڪير آھي جو اسان کي ڏوھدار بڻائيندو؟ جڏھن تہ عيسيٰ مسيح خود اسان جي خاطر مئو، بلڪ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. ھو خدا جي ساڄي پاسي آھي ۽ اسان جي شفاعت پيو ڪري.

35 اسان کي مسيح جي پيار کان ڪير جدا ڪري ٿو سگھي؟ توڙي جو اسين مصيبت يا تنگيءَ ۾ ھجون، اسان کي ستايو وڃي يا اسين بک، غريبيءَ ۽ خطري ۾ ھجون يا اسان کي ماريو وڃي.