رومين 9:1-9 SCLNT

1 جيڪو آءٌ چوان ٿو سو سچ آھي. آءٌ مسيح جو آھيان ۽ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان. منھنجي دل، جيڪا پاڪ روح جي وس ۾ آھي سا بہ مون سان گڏ شاھدي ٿي ڏئي تہ

4 اھي بني اسرائيل ئي آھن، جن کي خدا پنھنجا ٻار ڪري چونڊيو آھي. ھن کين پنھنجو جلوو ڏيکاريو ۽ کين پنھنجا عھد، شريعت، عبادت ۽ واعدا ڏنا اٿائين.

5 قوم جا ابا ڏاڏا بہ انھن مان ئي آھن ۽ رت جي رشتي ڪري مسيح بہ انھن جو ئي آھي. خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آھي، شل ھميشہ انھيءَ جي واکاڻ ٿئي. آمين.

6 آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ خدا جو واعدو اجايو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي اسرائيل جو اولاد آھن، سي سڀ بني اسرائيل نہ آھن

7 ۽ نڪي ابراھيم جي نسل مان ھئڻ ڪري اھي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آھن. پر لکيل آھي تہ ”اسحاق مان ئي تنھنجو نسل سڏيو ويندو.“

8 ان جي معنيٰ تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار نہ آھن، پر جيڪي ابراھيم سان خدا جي ڪيل واعدي موجب ٻار پيدا ٿيا سي ئي ابراھيم جو اولاد ليکجن ٿا.

9 ڇالاءِ⁠جو خدا ھنن لفظن ۾ واعدو ڪيو ھو تہ ”آءٌ مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.“