رومين 9:27-33 SCLNT

27 يسعياہ بني اسرائيل لاءِ کليو کلايو چوي ٿو تہ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعدادسمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن جيترو ھوندو،تہ بہ انھن مان ڪي ٿورا ئي وڃي بچندا.

28 ڇالاءِ⁠جو خداوند دنيا تيجلد ئي پنھنجو آخري فيصلو پورو ڪندو.“

29 جيئن يسعياہ نبي اڳي ئي چئي ويو آھي تہ”جيڪڏھن قدرت وارو خداونداسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ھا،تہ اسان جو حال بہسدوم ۽ عموراہ شھرن جھڙو ٿئي ھا.“

30 تڏھن اسين ڇا چئون؟ يعني ھي تہ غير قومون جن خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، تن کي اھا سچائي ملي ۽ اھا کين ايمان جي وسيلي ملي.

31 پر بني اسرائيل جيڪي اھڙيءَ شريعت جي ڳولا ۾ ھئا جنھن جي وسيلي ھو خدا ڏانھن سچار بڻجن، سي انھيءَ شريعت تائين بہ نہ پھتا.

32 ڇو؟ ڇالاءِ⁠جو ھنن شريعت کي ايمان جي وسيلي نہ ڳوليو پر عملن جي وسيلي ڳوليائون. انھن ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.

33 جيئن لکيل آھي تہ”ڏسو، صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر،يعني ماڻھن اڳيان ٺوڪر کائڻ واريھڪ ڇپ کڙي ڪريان ٿو.پر جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻيندو،سو ڪڏھن بہ مايوس نہ ڪيو ويندو.“