11 ايمان جي ڪري ئي ابراھيم پيءُ ٿيڻ جي لائق ٿيو، جيتوڻيڪ ھو تمام پيرسن ھو ۽ سارہ بہ سنڍ ھئي. ابراھيم کي واعدي ڪرڻ واري تي پورو پورو يقين ھو.
12 اھڙيءَ طرح ھڪڙي اھڙي شخص مان جيڪو تمام پيرسن ھو، آسمان جي تارن جيترا ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جيترا بيشمار ماڻھو پيدا ٿيا.
13 اھو ايمان ئي ھو جنھن تي اھي سڀ ماڻھو سڄي عمر قائم رھيا. جيتوڻيڪ کين واعدي ڪيل شيون نہ مليون، مگر انھن کي پري کان ئي ڏسي سندن مرحبا ڪيائون. ان سان گڏ ھنن قبول ڪيو تہ اسين ڌرتيءَ تي مھمان ۽ مسافر آھيون.
14 جيڪي ماڻھو اھڙيون ڳالھيون ڪندا آھن، سي ظاھر ڪندا آھن تہ اسين پنھنجي وطن جي ڳولا ۾ آھيون.
15 جيڪڏھن ھو انھيءَ ملڪ کي ياد ڪن ھا، جنھن مان نڪري آيا ھئا تہ جيڪر کين موٽي وڃڻ جو وجھہ ملي ھا.
16 پر ھاڻي ھو انھيءَ کان بھتر يعني آسماني ملڪ جي لاءِ واجھائي رھيا آھن. تنھنڪري خدا، انھن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، ڇالاءِجو ھن انھن جي لاءِ ھڪڙو شھر تيار ڪري ڇڏيو آھي.
17 ايمان جي ڪري ئي پنھنجي آزمائش وقت ابراھيم اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. اھو ئي ابراھيم جنھن خدا جا واعدا قبول ڪيا ھئا، سو پنھنجي پياري پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.