عبرانين 11 SCLNT

ايمان

1 ايمان مان مراد آھي انھن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي اٿئون ۽ انھن شين تي يقين، جيڪي نہ ڏٺيون اٿئون.

2 اھو انھن جو ايمان ئي ھو جو اڳئين زماني جي ماڻھن خدا جي رضا حاصل ڪئي ھئي.

3 ايمان جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ ڪائنات خدا جي حڪم سان بڻي آھي، يعني جيڪي ڪجھہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ شين مان بڻيو آھي.

4 ايمان جي ڪري ئي ھابيل خدا وٽ قابيل کان وڌيڪ سٺي قرباني چاڙھي. انھيءَ جي ئي ڪري خدا سندس نذرانو قبول ڪري ظاھر ڪيو تہ ھو سچار ھو. جيتوڻيڪ ھو مري ويو آھي تہ بہ ايمان جي ئي وسيلي اڃا تائين ڳالھائي پيو.

5 ايمان جي ڪري ئي حنوڪ مٿي کنيو ويو، تہ جيئن موت کي نہ ڏسي. ھن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو، ڇالاءِ⁠جو خدا مٿي کڻي ورتس. ھن ڪري جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳ ھن بابت اھا شاھدي ڏني ويئي ھئي تہ ھو خدا کي پسند آيو آھي.

6 ايمان کان سواءِ خدا کي پسند اچڻ ناممڪن آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنھن لاءِ اھو ايمان آڻڻ ضروري آھي تہ خدا موجود آھي ۽ جيڪي کيس چاھہ سان ڳولين ٿا تن کي اجر ڏئي ٿو.

7 ايمان جي ڪري ئي نوح کي انھن ڳالھين جي باري ۾ خدا خبردار ڪيو جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون ھيون ۽ ھن خدا جي خوف کان پنھنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ ھڪڙو ٻيڙو ٺاھيو. اھڙيءَ طرح ھن دنيا کي ڏوھي ٺھرايو ۽ انھيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري آھي.

8 جڏھن ابراھيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي ھو خدا جو حڪم مڃي انھيءَ جاءِ ڏانھن ھليو ويو، جيڪا بعد ۾ کيس ميراث طور ملڻي ھئي. جيتوڻيڪ ھن کي اھا خبر نہ ھئي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃي، پر تڏھن بہ ھو اٿي روانو ٿيو.

9 ايمان جي ڪري ئي ھو خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ھڪ پرديسيءَ وانگر رھيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث ھئا، سي بہ ابراھيم وانگر تنبن ۾ رھندا ھئا.

10 ڇالاءِ⁠جو ابراھيم انھيءَ شھر جو اميدوار ھو، جنھن جو بنياد پيل آھي ۽ جنھن جو تخليق ڪندڙ ۽ اڏيندڙ خود خدا آھي.

11 ايمان جي ڪري ئي ابراھيم پيءُ ٿيڻ جي لائق ٿيو، جيتوڻيڪ ھو تمام پيرسن ھو ۽ سارہ بہ سنڍ ھئي. ابراھيم کي واعدي ڪرڻ واري تي پورو پورو يقين ھو.

12 اھڙيءَ طرح ھڪڙي اھڙي شخص مان جيڪو تمام پيرسن ھو، آسمان جي تارن جيترا ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جيترا بيشمار ماڻھو پيدا ٿيا.

13 اھو ايمان ئي ھو جنھن تي اھي سڀ ماڻھو سڄي عمر قائم رھيا. جيتوڻيڪ کين واعدي ڪيل شيون نہ مليون، مگر انھن کي پري کان ئي ڏسي سندن مرحبا ڪيائون. ان سان گڏ ھنن قبول ڪيو تہ اسين ڌرتيءَ تي مھمان ۽ مسافر آھيون.

14 جيڪي ماڻھو اھڙيون ڳالھيون ڪندا آھن، سي ظاھر ڪندا آھن تہ اسين پنھنجي وطن جي ڳولا ۾ آھيون.

15 جيڪڏھن ھو انھيءَ ملڪ کي ياد ڪن ھا، جنھن مان نڪري آيا ھئا تہ جيڪر کين موٽي وڃڻ جو وجھہ ملي ھا.

16 پر ھاڻي ھو انھيءَ کان بھتر يعني آسماني ملڪ جي لاءِ واجھائي رھيا آھن. تنھنڪري خدا، انھن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن انھن جي لاءِ ھڪڙو شھر تيار ڪري ڇڏيو آھي.

17 ايمان جي ڪري ئي پنھنجي آزمائش وقت ابراھيم اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. اھو ئي ابراھيم جنھن خدا جا واعدا قبول ڪيا ھئا، سو پنھنجي پياري پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

18 انھيءَ ئي پٽ جي باري ۾ خدا چيو ھوس تہ ”اسحاق مان ئي تنھنجو نسل جاري ٿيندو.“

19 ڇالاءِ⁠جو ھن سمجھيو تہ خدا کي مئلن مان جيارڻ جي قدرت آھي، سو انھن مان ئي ھن اسحاق کي مثالي طرح وري حاصل ڪيو.

20 ايمان جي ڪري ئي اسحاق يعقوب ۽ عيسوءَ کي سندن مستقبل جي برڪت ڏني.

21 ايمان جي ڪري ئي يعقوب مرڻ مھل يوسف جي ٻنھي پٽن کي برڪت ڏني ۽ پنھنجي لٺ جي چوٽيءَ تي مٿو رکي سجدو ڪيائين.

22 ايمان جي ڪري ئي يوسف مرڻ مھل بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪرڻ جو ذڪر ڪيو ۽ پنھنجين ھڏين بابت حڪم ڏنائين.

23 ايمان جي ڪري ئي موسيٰ جي ماءُ⁠پيءُ سندس ڄمڻ کان پوءِ کيس ٽن مھينن تائين لڪائي رکيو، ڇالاءِ⁠جو ھنن ڏٺو تہ ٻار خوبصورت آھي ۽ اھي بادشاھہ جي حڪم کان ڪين ڊنا.

24 ايمان جي ڪري ئي موسيٰ وڏي ٿيڻ تي فرعون جي ڌيءَ جو پٽ سڏائڻ کان انڪار ڪيو.

25 ھن ڪري جو ٿوري وقت تائين گناھہ جي خوشين ماڻڻ جي بدران ھن خدا جي قوم سان گڏ ڏک سھڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو.

26 ھن مسيح جي خاطر بي⁠عزت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو، ڇالاءِ⁠جو ھن جي نظر ملڻ واري اجر تي ھئي.

27 ايمان جي ڪري ئي موسيٰ بادشاھہ جي ڪاوڙ جي پرواھہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين. ھو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻڪ ڏسي ڪري ثابت⁠قدم رھيو.

28 ايمان جي ڪري ئي ھن عيد فصح جي قرباني ڪئي ۽ رت ڇٽڪاريائين، انھيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پھريتن ٻارن کي ھٿ نہ لائي.

29 ايمان جي ڪري ئي بني اسرائيل ڳاڙھي سمنڊ مان ائين لنگھي ويا جيئن سڪيءَ تان لنگھبو آھي. پر جڏھن مصرين بہ ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اھي ٻڏي مئا.

30 ايمان جي ڪري ئي يريحو شھر جون ڀتيون، جڏھن بني اسرائيل انھن جي چوڌاري ست ڏينھن ڦيرا ڏنا تہ اھي ڪري پيون.

31 ايمان جي ڪري ئي راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ ماري نہ ويئي، ڇالاءِ⁠جو ھن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو ھو.

32 ھاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ ايتري واندڪائي ڪانہ اٿم جو گدعون، باراق، سمسون، يفٿاح، دائود، شموايل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان.

33 انھن ايمان جي ڪري ئي بادشاھتون فتح ڪيون، سچائيءَ جا ڪم ڪيا، واعدي ڪيل شين کي حاصل ڪيو ۽ شينھن جا وات بند ڪيائون.

34 ھنن سخت باھہ کي اُجھايو ۽ تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. اھي ڪمزوريءَ مان زورآوار ٿيا، جنگ ۾ بھادر ٿيا ۽ ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيائون.

35 عورتن کي سندن مري ويل وري جيئرا ٿي مليا ۽ ٻيا عذاب سھندي سھندي مري ويا، پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انھيءَ لاءِ تہ ٻيھر جيئرا ٿي بھتر زندگي حاصل ڪن.

36 ڪن ماڻھن جي وري کِل ٺٺولي ڪرڻ سان ۽ چھبڪن ھڻڻ سان آزمائش ورتي ويئي، ايتري تائين جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو.

37 ھو سنگسار ڪيا ويا، ڪرٽ سان چيريا ويا، تلوار سان قتل ڪيا ويا ۽ آزمايا ويا. ھو رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي محتاجيءَ، مصيبت ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ ڀٽڪندا رھيا.

38 دنيا انھن جي لائق نہ ھئي. ھو بيابانن، جبلن، غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ رلندا رھيا.

39 انھن سڀني کي سندن ايمان جي ڪري ساراھيو ويو، تڏھن بہ انھن مان ڪنھن کي بہ واعدي ڪيل شيءِ ڪانہ ملي.

40 ڇالاءِ⁠جو خدا اسان جي لاءِ اڳي ئي بھتر سوچيو ھو تہ اھي اسان سان گڏجڻ سان ئي ڪامل ڪيا وڃن.

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13