عبرانين 10 SCLNT

مسيح جي ھڪڙي ئي قرباني

1 حقيقت ۾ شريعت اچڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آھي، انھن جي اصلي صورت ناھي. تنھنڪري سال⁠بسال جيڪي ساڳيون ئي قربانيون ھميشہ ڪيون وڃن ٿيون، تن جي وسيلي اھا شريعت خدا ڏانھن ويجھو ايندڙ ماڻھن کي ڪڏھن بہ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي.

2 جيڪڏھن شريعت ائين ڪري سگھي ھا تہ ڇا اھي قربانيون چاڙھڻ بند نہ ڪري ڇڏين ھا؟ ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن عبادت ڪندڙ ھڪ ئي دفعي بلڪل پاڪ ٿي وڃن ھا، تہ پوءِ اڳتي ھنن کي گناھن جي يادگيري بہ ڪانہ رھي ھا.

3 پر اھي قربانيون سال⁠بسال گناھن جي ياد ڏيارين ٿيون.

4 ڇالاءِ⁠جو ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرين جو رت گناھن کي مٽائي ڇڏي.

5 تنھنڪري ئي مسيح دنيا ۾ اچڻ مھل چيو تہ”تو قربانيءَ ۽ نذراني کي نہ چاھيو،پر تو منھنجي لاءِ ھڪڙو بدن تيار ڪيو.

6 ساڙڻ وارين قربانين۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين کانتون خوش نہ ٿئين.

7 تڏھن مون چيو جيئن پاڪ ڪتاب ۾منھنجي باري ۾ لکيل آھي تہ’ڏس، آءٌ آيو آھيان،انھيءَ لاءِ تہ اي خدا!تنھنجي مرضي پوري ڪريان.‘“

8 پھريائين تہ مسيح چيو تہ ”قربانيون، نذرانا، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون تو نہ چاھيون، نڪي تون انھن مان خوش ٿئين، جيتوڻيڪ اھي شريعت موجب چاڙھيون وڃن ٿيون.“

9 پوءِ وري چيائين تہ ”ڏس، آءٌ آيو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ تنھنجي مرضي پوري ڪريان.“ اھڙي نموني خدا اڳين قربانين کي رد ڪري مسيح جي قربانيءَ کي قائم ڪري ٿو.

10 خدا جي انھيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين عيسيٰ مسيح جي بدن جي ھڪڙي ئي دفعي قربان ٿيڻ جي وسيلي پاڪ ڪيا ويا آھيون.

11 ھر ھڪ ڪاھن روزانو بيھي ديني خدمت ٿو ڪري ۽ ھر ھر ساڳيون ئي قربانيون ٿو چاڙھي، جيڪي ڪڏھن بہ گناھن کي مٽائي نہ ٿيون سگھن.

12 پر مسيح گناھن جي لاءِ ھڪڙي ئي قرباني ھميشہ جي واسطي چاڙھي خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

13 انھيءَ وقت کان وٺي ھو انتظار ۾ آھي تہ سندس دشمنن کي سندس پيرن جي صندلي بڻايو وڃي.

14 ڇالاءِ⁠جو ھن ھڪڙي قرباني چاڙھڻ سان انھن کي ھميشہ جي لاءِ ڪامل ڪري ڇڏيو آھي، جيڪي پاڪ ڪيا ٿا وڃن.

15 پاڪ روح بہ انھيءَ باري ۾ اسان کي شاھدي ڏيئي چوي ٿو تہ

16 ”خداوند فرمائي ٿو تہ’ھي اھو عھد آھي،جيڪو انھن ڏينھن کان پوءِآءٌ ھنن سان ڪندس.آءٌ پنھنجا قانون سندن دلين ۾ وجھندس،۽ سندن ذھنن تي اھي نقش ڪندس.‘“

17 ھو وڌيڪ چوي ٿو تہ”ھنن جا گناھہ ۽ ھنن جون بڇڙايونآءٌ وري ياد نہ ڪندس.“

18 ھاڻي جڏھن تہ ھنن جي معافي ٿي ويئي آھي تڏھن وري گناھن لاءِ قربانيءَ جي ضرورت نہ آھي.

نصيحت ۽ تاڪيد

19 تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پورو ڀروسو آھي تہ اسين عيسيٰ جي رت جي ڪري انھيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿي سگھون ٿا.

20 عيسيٰ اسان جي لاءِ پردي منجھان ھڪ نئون ۽ جيئرو رستو کوليو آھي ۽ اھو پردو سندس جسم آھي.

21 ھو اسان جو اھڙو وڏو ڪاھن آھي، جيڪو خدا جي گھر جو مختيار آھي.

22 ھاڻي جيئن تہ اسان جو ضمير گناھن کان پاڪ ٿيل آھي ۽ اسان جو جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آھي، تنھنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.

23 اچو تہ جنھن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنھن کي سوگھو جھليون، ڇالاءِ⁠جو جنھن واعدو ڪيو آھي سو سچو آھي.

24 اچو تہ اسين محبت ۽ چڱن ڪمن جو شوق ڏيارڻ لاءِ ھڪ ٻئي جو خيال رکون.

25 اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻھن جي عادت آھي، بلڪ اچو تہ ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھون. جيئن جيئن اوھين خداوند جو ڏينھن ويجھو ايندو ٿا ڏسو، تيئن تيئن اھڙيون ڳالھيون وڌيڪ ڪندا رھو.

26 پر جيڪڏھن اسين سچ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي⁠ٻجھي گناھہ ڪريون تہ گناھن لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رھندي.

27 پر عدالت جي ڏينھن جو ۽ انھيءَ قھر واري باھہ جو خوف ۽ انتظار باقي آھي، جيڪا خدا جي دشمنن کي کائي کپائي ڇڏيندي.

28 جڏھن ڪو ماڻھو موسيٰ جي شريعت کي نہ ٿو مڃي تہ ھن کي ٻن يا ٽن ماڻھن جي شاھديءَ تي بي⁠رحميءَ سان ماريو ٿو وڃي،

29 تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بي⁠عزت ڪيائين؟

30 ڇالاءِ⁠جو اسين انھيءَ کي ڄاڻون ٿا جنھن چيو تہ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي،آءٌ ئي بدلو وٺندس.“ ۽ وري ھي تہ”خداوند پنھنجي قوم جو انصاف ڪندو.“

31 زندہ خدا جي ھٿن ۾ اچڻ ھڪ وڏي خوفناڪ ڳالھہ آھي.

32 پر انھن اڳوڻن ڏينھن کي ياد ڪريو، جڏھن روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوھان ڏاڍا ڏک سٺا، پوءِ بہ ثابت⁠قدم رھيا.

33 ڪڏھن تہ اوھان طعنن ۽ مصيبتن جي ڪري تماشو بڻيا ۽ ڪڏھن وري اوھان انھن جو ساٿ ڏنو جن سان اھڙي ھلت ٿي.

34 جيڪي قيد ۾ ھئا، تن سان اوھان ھمدردي ڪئي ۽ پنھنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر ھئي تہ اوھان وٽ بھتر ۽ پائدار ملڪيت موجود آھي.

35 تنھنڪري اوھين پنھنجي ھمت نہ ھاريو، ڇالاءِ⁠جو انھيءَ جو وڏو اجر آھي.

36 اوھان کي صبر ڪرڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوھين اھو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنھن جو ھن واعدو ڪيو آھي. جيئن لکيل آھي تہ

37 ”تمام ٿوري مدت باقي آھي،جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.

38 منھنجا سچار ٻانھوايمان جي ڪري جيئرو رھندا،پر جيڪڏھن انھن مان ڪو پوئتي ھٽندو،تہ آءٌ ھن کان خوش نہ ٿيندس.“

39 مگر اسين انھن مان نہ آھيون جيڪي پوئتي ھٽي ناس ٿا ٿين، بلڪ انھن مان آھيون جيڪي ايمان آڻي پاڻ کي بچائين ٿا.

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13