1 تنھنڪري اچو تہ مسيح جي باري ۾ ابتدائي ڳالھين کي ڇڏي ڪماليت ڏانھن وڌندا ھلون. موت ڏانھن وٺي ويندڙ ڪمن کان توبھہ ڪرڻ ۽ خدا تي ايمان آڻڻ جو ٻيھر بنياد ئي نہ وجھون،
2 نڪي بپتسمائن ۽ ھٿن رکڻ، مئلن جي وري جيئري ٿيڻ ۽ دائمي عدالت جي تعليم جو بنياد ٻيھر وجھون.
3 جيڪڏھن خدا گھريو تہ ائين ئي ڪنداسين.
4 سو انھن جي حال تي غور ڪريو جيڪي ھڪ ئي دفعي روشن دل ٿيا آھن، جن آسمان واري بخشش جو سواد چکيو آھي ۽ جيڪي پاڪ روح جي برڪت ۾ شريڪ ٿيا آھن
5 ۽ جن خدا جي چڱي ڪلام ۽ ايندڙ جھان جي طاقتن جو تجربو حاصل ڪيو آھي.
6 پوءِ جيڪڏھن اھي گمراھہ ٿي وڃن تہ ٻيھر انھن جو توبھہ ڪرڻ ناممڪن آھي. ڇالاءِجو اھڙيءَ طرح اھي خدا جي فرزند کي نئين سر صليب تي چاڙھي ظاھر ظھور ھن کي بيعزت ٿا ڪن.
7 مثال طور جيڪا زمين پاڻ تي ھر ھر پوندڙ مينھن جو پاڻي ٿي پيئي ۽ پنھنجي پوکيندڙ لاءِ ڪمائتو فصل ٿي اُپائي، تنھن تي خدا جي برڪت ٿي نازل ٿئي.
8 پر جيڪا زمين ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا ٿي اُپائي، سا ڪنھن ڪم جي ناھي ۽ لعنت پوڻ کي ويجھو ٿي ٿئي. آخر ڪار اھا ساڙي وڃي ٿي.
9 پر اي عزيزو! جيتوڻيڪ اسين اھي ڳالھيون ڪريون ٿا، تڏھن بہ توھان جي باري ۾ بھترين ۽ ڇوٽڪاري سان لاڳو ٿيندڙ ڳالھين جو يقين ٿا رکون،
10 ڇالاءِجو خدا بيانصاف ناھي. ھو اوھان جي محنت ۽ انھيءَ محبت کي نہ وساريندو، جيڪا اوھان سندس نالي تي اھڙيءَ طرح ڏيکاري جو ايمان وارن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين ڪندا ٿا رھو.
11 اسان جي خواھش آھي تہ اوھان مان ھر ڪو پنھنجيءَ اميد کي يقيني بنائڻ لاءِ پڇاڙيءَ تائين ساڳيءَ طرح ڪوشش ڪندو رھي.
12 اسين چاھيون ٿا تہ اوھين سست نہ ٿيو، پر انھن جا پيروي ڪندڙ ٿيو، جيڪي ايمان ۽ صبر جي ڪري خدا جي ڪيل واعدن جا وارث ٿا ٿين.
13 خدا جڏھن ابراھيم سان واعدو ڪيو تڏھن ھن پنھنجو ئي قسم کنيو، ڇالاءِجو کانئس وڏو ڪوبہ نہ ھو.
14 خدا فرمايو تہ”يقيناً آءٌ تو کي برڪتون ڏيندو رھندس۽ تنھنجو اولاد گھڻو وڌائيندس.“
15 اھڙيءَ طرح ابراھيم صبر ڪري اھا واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.
16 ماڻھو پاڻ کان ڪنھن وڏي جو ئي قسم کڻندا آھن ۽ سندن ھر ڳالھہ ۽ ھر تڪرار جي آخرين ثابتي قسم ئي ھوندو آھي.
17 تنھنڪري خدا انھن کي جيڪي ڪيل واعدي جي برڪت حاصل ڪندا، اھو وڌيڪ صفائيءَ سان ڏيکارڻ گھريو تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي، انھيءَ ڪري قسم بہ کنيائين.
18 سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اھڙيون شيون آھن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آھي. ھاڻي خدا ائين ھن ڪري ڪيو تہ اسين، جيڪي سندس پناھہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آھيون، تن کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي تہ انھيءَ اميد کي جيڪا اسان جي اڳيان رکي آھي ھٿ ڪري سگھون.
19 اھا اميد اسان جي جان لاءِ اھڙي لنگر مثل آھي، جيڪو مضبوط ۽ قائم آھي. اھا پردي جي پٺيان اندرين ھيڪل تائين بہ وڃي پھچي ٿي.
20 اتي عيسيٰ ملڪصدق جي طريقي موجب ھميشہ جي لاءِ سردار ڪاھن ٿي اسان جي خاطر، اسان جي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آھي.