26 ھن مسيح جي خاطر بيعزت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو، ڇالاءِجو ھن جي نظر ملڻ واري اجر تي ھئي.
27 ايمان جي ڪري ئي موسيٰ بادشاھہ جي ڪاوڙ جي پرواھہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين. ھو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻڪ ڏسي ڪري ثابتقدم رھيو.
28 ايمان جي ڪري ئي ھن عيد فصح جي قرباني ڪئي ۽ رت ڇٽڪاريائين، انھيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پھريتن ٻارن کي ھٿ نہ لائي.
29 ايمان جي ڪري ئي بني اسرائيل ڳاڙھي سمنڊ مان ائين لنگھي ويا جيئن سڪيءَ تان لنگھبو آھي. پر جڏھن مصرين بہ ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اھي ٻڏي مئا.
30 ايمان جي ڪري ئي يريحو شھر جون ڀتيون، جڏھن بني اسرائيل انھن جي چوڌاري ست ڏينھن ڦيرا ڏنا تہ اھي ڪري پيون.
31 ايمان جي ڪري ئي راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ ماري نہ ويئي، ڇالاءِجو ھن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو ھو.
32 ھاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ ايتري واندڪائي ڪانہ اٿم جو گدعون، باراق، سمسون، يفٿاح، دائود، شموايل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان.